پاڪستان ريلوي

پاڪستان ريلوي: هندستان تي جڏهن انگريزن جو راڄ هو ته 1855ع ڌاري لنڊن ۾ ’سنڌ ريلوي ڪمپني‘ قائم ڪندي، 1856ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي شراڪت سان ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين ريلوي لائين وڇائي وئي. شروعات ۾ صرف مال گاڏيون هلائي سامان پهچائڻ ۽ کڻڻ لاءِ ريلوي پٽڙي استعمال ٿيندي هئي، بعد ۾ جڏهن سر هينري ايڊورڊ فريئر، سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿيو ته هن ڪراچيءَ جي بندرگاهه بابت جائزو ورتو ۽ گڏوگڏ مسافرن لاءِ ريل گاڏيون هلائڻ لاءِ ڪوشش ورتي وئي ۽ 13 مئي 1861ع تي پهريون ڀيرو ريلوي لائين عوام جي مسافريءَ لاءِ ڪراچيءَ کان ڪوٽڙي تائين شروع ڪئي وئي. اها 105 ميلن جي مفاصلي واري ريلوي پٽڙي هئي، جڏهن ته ڪراچيءَ کان پشاور تائين ريلوي لائين 19هين صديءَ جي آخر ۽ ويهين صديءَ جي آغاز ۾ وڇائي وئي. ورهاڱي وقت 4999 ميل پٽڙي اولهه پاڪستان ۽ 1618 ميل پٽڙي اوڀر پاڪستان ۾ پکڙيل هئي. انهيءَ ريلوي لائين کي ”نارٿ ويسٽرن ريلوي“ جي نالي سان سڏيو ويو. 1964ع ۾ ريلوي پٽڙيءَ کي مردان ۽ چارسده سيڪشن تائين وڌايو ويو. ڪوٽ ادوءَ کان ڪشمير تائين پٽڙيءَ جي تعمير 1969ع کان 1973ع جي دوران ٿي. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ وقت پاڪستان ريلوي جي حالت نهايت خراب هئي. ريلوي پٽڙي پراڻي ٿي چڪي هئي ۽ پڻ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ هيڪاري حالت خراب هئي، تنهنڪري پهرين پنج ساله رٿا ۽ ٽين پنج سالا رٿا ۾ ريلوي نظام کي بهتر بنائڻ لاءِ خصوصي توجهه ڏنو ويو. ان سلسلي ۾ هيٺيان قدم قابل ذڪر آهن: (1) نوان پٽا وڇايا ويا ۽ ڪجهه پراڻن پٽن جي مرمت ڪئي وئي، (2) مسافر گاڏين ۽ مال گاڏين لاءِ نيون انجڻيون خريد ڪيون ويون، (3) سگنل جو جديد نظام رائج ڪيو ويو، (4) پلين جي مرمت ڪرائي وئي، (5) ريلوي اسٽيشنن جي پراڻين عمارتن جي جاءِ تي نيون عمارتون تعمير ٿيون، (6) جديد طرز جي پليٽ فارمن ۽ آرامگاهن جي تعمير ۽ ٿڌي پاڻيءَ ۽ پنکن جو انتظام ڪيو ويو. (7) ريلوي لائين، ميداني علائقن جي ڳتيل ۽ آباد حصن ۾ وڇائي وئي. پاڪستان ويسٽرن ريلوي جا وڏا رستا هي آهن: پشاور کان ڪراچي (1681.405 ڪلوميٽر)، ڪراچيءَ کان ڪوئيٽا (857.597 ڪلوميٽر)، روهڙيءَ کان چمن (526.143 ڪلوميٽر) ۽ لاهور کان ماڙي انڊس (530.97 ڪلوميٽر). پاڪستان ۾ ريلوي رستن جي ڪل پکيڙ 11617 ڪلوميٽر هئي، پر هن وقت زيرِ استعمال پٽڙيءَ جي پکيڙ 9027 ڪلوميٽر آهي. ان ريلوي ٽريڪ سان 3 هزار کان وڌيڪ پُلون به تعمير ٿيل آهن ۽ پاڪستان ريلوي جون پوري ملڪ ۾ 781 اسٽيشنون آهن. هن وقت پاڪستان ريلوي طرفان مال گاڏين کان سواءِ ڪيتريون ئي مسافر ٽرينون به هلايون پيون وڃن، جن مان ڪي ٽرينون ايئر ڪنڊيشنڊ ۽ نان اسٽاپ به آهن، پر ريلوي جي پٽڙي ۽ رابطي جو نظام ساڳيو ئي پراڻو آهي. فيبروري 2006ع ۾ کوکراپار- موڻابائو ريلوي بحال ٿيڻ بعد ڪراچيءَ کان کوکراپار تائين هفتيوار ريل به هلندي آهي (وڌيڪ ڏسو: ٿر ايڪسپريس، جلد ٻيو)، جڏهن ته آگسٽ 2009ع کان تجارتي مقصدن تحت پاڪستان کان ترڪيءَ تائين ڪارگو ريل به هلائي وڃي ٿي. تازو ئي ملڪ ۾ ڪجهه مسافر ٽرينن کي خسارو ڄاڻائي بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هن وقت آباديءَ جو گهڻو تعداد ٽرينن ذريعي سفر ڪرڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. تنهنڪري وڌيڪ مسافر ٽرينون هلائڻ، نئون ٽريڪ ٺاهي، ريلوي ٽريڪ کي ڊبل ڪرڻ ۽ جديد ريلوي نظام جوڙڻ جي ضرورت ڏينهون ڏينهن وڌندي رهي ٿي. هن وقت پاڪستان ريلوي جو وفاقي وزير غلام احمد بلور آهي.


لفظ پاڪستان ريلويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو